سوامي گرمکداس مهراج

سوامي گرمکداس مهراج: سوامي گرمکداس 1896ع ۾ ڀٽ شاهه، ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو لکميچند ۽ ماءُ جو نالو گياني ٻائي هو. سوامي گرمکداس، مشهور سنت ٽيئون رام جو ڀاڻيجو هو. ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو، ان بعد گرمک داس پنهنجي ماءُ سان گڏ ٽيئون رام وٽ کنڊوءَ ۾ رهڻ لڳو. هو ٽيئون رام جي صحبت ۾ رنگجي ويو ۽ آئي وئي سنت جي خدمت ڪرڻ لڳو. هن جو لاڙو ڪلام ڏانهن هو. ان ڪري پنهنجا ڀڄن ٺاهي ڳائيندو هو. سورهن سالن جي عمر ۾ ٽيئو رام کي پنهنجو گُرو تسليم ڪيائين ۽ ان سان گڏ سيرسفر تي به وڃڻ لڳو. سنتن جي سنگ ۾ پاڻ به سنت ٿي پيو. جڏهن ٽيئون رام وفات ڪئي ته هي ان جو گادي نشين بنيو. وٽس ڪيترا پريمي ايندا هئا. هن سنڌي ۽ هنديءَ ۾ ڪيترا دوها ۽ ڀڄن لکيا آهن.
ورهاڱي بعد هندستان جي جئپور شهر ڏانهن لڏي ويو، جتي هن 1922ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو